شنبو امير

شنبو امير: هي ارغونن ۽ ترخان جي دور حڪومت ۾ امير ۽ وزير طور مشهور هو. ميرزا شاهه حسن بيگ ارغون سال 960 هه/ 1553ع ۾ ٺٽي جي نگراني شنبو نالي هڪ پنهنجي هڪ امير کي ڏني. ڪن روايتن موجب شنبو ميرزا شاهه حسن بيگ ارغون جو زرخريد غلام هو ۽ بعد ۾ پنهنجي علمي قابليت ۽ خداداد صلاحيتن سبب ترقي ڪندو وڃي ارغون درٻار ۾ امير جي عهدي تي مقرر ٿيو، اڳتي هلي ميرزا شاهه حسن بيگ ارغون سندس وفاداري، ذهانت ۽ محنت کي ڏسي کيس ٺٽي جو گورنر مقرر ڪيو. ان کانپوءِ ترت ميرزا شاهه حسن بيگ فالج جي مرض سبب وفات ڪري ويو ۽ ميرزا عيسيٰ بيگ اول ترخان بادشاهه بڻيو ۽ ترخانن جو دور شروع ٿيو. ميرزا عيسيٰ بيگ ترخان اول به امير شنبو کي ساڳي عهدي تي مقرر رکيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو